عثمان بوزدار سميت پي ٽي آءِ جا اهم اڳواڻ لانگ مارچ مان گم

لاهور ( ويب ڊيسڪ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي حقيقي آزادي لانگ مارچ ۾ ڪارڪن تي پري پر پارٽي جا اهم اڳواڻ به شامل نه ٿي سگهيا آهن.

ڪپتان جو وسيم اڪرم پلس عثمان بزدار، ٻئي ڏينهن به لانگ مارچ ۾ نه پهتو. تحريڪ انصاف لاهور جو صدر امتياز شيخ به اسد عمر کان دڙڪا کائڻ کان پوءِ غائب آهي.

گهرو صلاحڪار عمر سرفراز چيما، علي زيدي، شفقت محمود به اڄ لانگ مارچ ۾ نظر نه آيا.

جڏهن ته ڀارتي  ٽي وي شوز ۾ تحريڪ انصاف جو دفاع ڪندڙ فياضل الحسن چوهاڻ به لانگ مارچ ۾ شامل نه آهي.

تحريڪ انصاف پنجاب جا اڳواڻ نديم بارا، مراد، راس، سرفراز کوکر ۽ ظهير عباس کوکر به لانگ مارچ ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.