پي ٽي آءِ جي حقيقي آزادي لانگ مارچ جو ٻيو ڏينهن، عمران خان خطاب ۾ ڇا چيو ؟

شاهدرا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ٻئي ڏينهن پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي قيادت ۾ گذريل ڏينهن لاهور جي لبرٽي چوڪ کان پنهنجي لانگ مارچ جي شروعات ڪئي هئي ۽ شاهدرا ويجهو رات ترسڻ بعد لانگ مارچ هاڻ ڪامونڪي ڏانهن وڌي رهيو آهي.

پي ٽي آءِ جي جاري ڪيل شيڊول موجب لانگ مارچ گوجروانوالا، جهلم، گجرات سميت مختلف شهرن کان ٿيندو چار نومبر تي راولپنڊي جڏهن ته پنج تي اسلام آباد پهچندو .

عمران خان جو خطاب

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته غلام ئي رڳو سٺو غلام هوندو آهي، اسان ٻڪريون ناهيون جو اوهان جا فيصلا قبول ڪيون.

پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي ٻئي ڏينهن شاهدرا کان عمران خان جي قيادت ۾ اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان رڳو اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ نڪتو آهيان ته آزادي ڇا هوندي آهي، غلام رڳو سٺو غلام ٿيندو آهي جڏهن ته آزاد انسان دنيا تي حڪومت ڪندا آهن.

هن چيو ته پهريان شهباز گِل کي کنڀيو ويو وري 75 ورهين جي سينيٽر اعظم کي کنڀي مٿس تشدد ڪيو ويو، اعظم سواتي کي پوٽن پوٽين آڏو تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سڄي دنيا اهڙي عمل تي تنقيد ڪئي.

عمران خان چيو ته مان پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان انسان آهيون، ٻڪريون نه آهيون، پهريان اسان کي ٻڌايو ويو ته نواز شريف، آصف زرداري شهباز شريف چور آهن، پوءِ کين قوم مٿان مڙهيو ويو، اسان ٻڪريون نه آهيون جو اوهان جو فيصلو قبول ڪري وٺون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.