سترنهن سال گوانتاناموبي جيل ۾ قيد پاڪستاني شهري آزاد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاران گوانٽانامو بي جيل مان 17 سالن کانپوءِ آزاد ڪيل پاڪستاني شهري سيف الله پراچا وطن واپس پهچي ويو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان سيف الله پراچا جي آزادي جي تصديق ڪندي چيو ته گوانتاناموبي جيل مان آزادي کانپوءِ سيف الله پراچا پاڪستان پهچي ويو آهي.

پرڏيهي وزارت سيف الله پراچا جي وطن واپسي ممڪن بڻائڻ لاءِ هڪ وڏي انٽر ايجنسي پروسيس کي سرانجام ڏنو.

ٻئي پاسي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي خوشي آهي ته پرڏيهه ۾ قيد هڪ پاڪستاني اڄ پنهنجي خاندان سان گڏ آهي

ياد رهي ته سيف الله پراچا کي اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ ٻين گهربل پاڪستاني شهرين سميت آمريڪا جي حوالي ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.