عمران خان لاءِ بُري خبر، پيمرا نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي ( پيمرا ) پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي لائيو ڪوريج ۽ تقريرن بابت چئنلز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

پيمرا طرفان جاري ڪيل هدايت نامي موجب لانگ مارچ دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن جي تقريرن جي نشريات ۾ دير وارو نظام لاڳو ڪيو وڃي، هدايت تي عمل نه ڪرڻ وارن ٽي وي چئنلز جا لائسنس معطل ڪرڻ سميت انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پيمرا جي هدايت نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمورا چئنلز رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ وارو مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن، اعليٰ عدالتي حڪمن ۽ پيمرا قانون پٽاندڙ لائيو ڪوريج ۾ دير وارو نظام لاڳو ڪيو وڃي.

ريگوليٽري اٿارٽي موجب گذريل ڏينهن واري ٽرانسميشن ۾ مشاهدي ۾ آيو ته تقريرن ۾ رياستي ادارن خلاف بيان لائيو نشر ٿيا، جيڪا ظابطن ۽ اعليٰ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.