پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومتي ڪميٽي قائم ، ڪير ڪير شامل آهي؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم لانگ مارچ بابت وفاقي ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب گهرو وزير راڻا ثناءَ الله جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي ۾ 13 ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي.

ڪميٽي ۾ اياز صادق، خواجا سعد رفيق، قمر الزمان ڪائرا، خالد مقبول صديقي، ميان افتخار، مولانا اسعد، مريم اورنگزيب، آغا حسن بلوچ، خالد مگسي، حنيف عباسي پڻ شامل آهن.

ذريعن موجب ڪميٽي ۾ طارق بشير چيما ۽ ڊاڪٽر طارق فضل به شامل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم چيو آهي ته اسان جهموري ماڻهو آهيون ۽ ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.