بيوسيءَ کان بيوسيءَ تائين

نذير سومرو

اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. حڪمرانن پاران اهي رڙيون ڪوڪون پراڻيون آهن ته کين ڪو اختيار ڪونه هو يعني هو وزيراعظم ته هئا پر بيوس هئا، سندن هٿ پير ٻڌل هئا. هڪ پِيٽو (گول دائرو) هو جنهن جي اندر ئي مونکي ڪم ڪرڻو پيو/مون کان ڪم ورتو ويو. اها شڪايت وڌ ۾ وڌ بااختيار سمجهيو ويندڙ وزيرعظم ذوالفقار علي ڀٽي به ڪئي. ان جا ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ  محسوس ٿئي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ ملڪ جو اڌ کسجي چڪو هو توڙي جو ”اصل حڪمران“ ان عمل تي عالمي طور تنقيد جي نشاني تي هجڻ ڪري ”مايوس/ٻه قدم پوئتي“ هئا پر پوءِ  به هر قدم تي اسپيڊ بريڪر لڳايل هئا جنهن سبب ڀٽو صاحب ”بيوس“ بڻايو ويو.

اها شڪايت ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي هر حڪمران کي رهندي آئي پر انهن اها ڳالهه کليل نموني ڪونه ڪئي.ڳجهه ڳوه ۾ ڳالهائيندا رهيا. اها شڪايت هنن حڪمرانن کي ڪونه رهي يعني ايوب خان، يحيى خان، ضيا ۽ مشرف. انهن اقتدار ۾ رهندي يا ان کان پوءِ  ڪڏهن به اهڙي شڪايت (سڌي اڻ سڌي) ڪونه ڪئي. هنن همراهن اهڙي شڪايت ڇو ڪونه ڪئي اهو هڪ وڏو يعني زمين آسمان جيترو سوال آهي جنهن تي غور ڪرڻ تمام ضروري آهي.

ذوالفقار علي ڀٽي جي ڌيءَ  جڏهن اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ”ڪامياب“ ٿي تڏهن ان جا ٻئي ڀائر اهڙي قسم جي ڪرسي وٺڻ جي حق ۾ ڪونه هئا. جيئن ته اهي پنهنجي بابا جي ويجهو رهي چڪا هئا ۽ انهن ڀٽي صاحب جي اقتداري بيوسي پنهنجي اکئين ڏٺي ۽ ڪنئين ٻڌي هئي. انهن اقتدار کان پوءِ  ان جي بيوسي جي وڏي ۾ وڏي شڪل يعني ”محرومي/مايوسي“ به ڏٺي هئي تنهنڪري انهن جو چوڻ هو ته اختيارن کان سواءِ  ڪرسي وٺڻ خودڪشي ڪرڻ برابر آهي. ڀٽي صاحب جي اقتداري ويجهڙائپ ته بينظير صاحبه به ڏٺي هئي پر ان ”اهڙين“ ڳالهين کي اهميت ڪونه ڏني.

بيوسيءَ  جي شڪايت نوازشريف به ڪئي. هڪ دفعو ڪرسيءَ  تان بيدخليءَ  وقت ٿورو آهستي ٻيو دفعو ٿورو وڌيڪ آواز ۾ ٽيون دفعو اڃان وڏي آواز ۾. اهو آواز وڌندو ويو ۽ ”مجهي ڪيون نڪالا“ تائين پهتو.

ويجهڙ  آواز، عمران خان عرف انوکا لاڏلا عرف سليڪٽيڊ جي واتان آيو آهي جيڪو پڻ وڏي آواز ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. هي ساڳيو ئي عمران خان آهي جيڪو وڏي آواز ۾ چوندو هو ته اسان سڀ ”هڪ صفحي“ تي آهيون ۽ ان هڪ صفحي تي فخر آهي. اڄ جون سندس ڳالهيون ٻڌي لڳي ٿو ته سندس مٿيون دعوائون ”وڏي غلط فهمي“ سبب هيون جيڪا ڳالهه ان وقت جي صحافين ۽ ٻين وڏي واڪي ڪيون ته ڳالهه ائين ڪونهي جيئن لاڏلو سمجهي ٿو.

هتي ڪيترائي سوال اڀرن ٿا جن جي شروعات عمران خان کان ئي ٿا ڪريون. مثال طور جيڪڏهن اهو ڦاٽي پيل ”هڪ صفحو“ وري جڙي پوي ته ڇا هي همراهه اهڙيون شڪايتون ڪندو ته مان بيوس هوس يا آهيان. ملڪي تاريخ ان جو جواب نه ۾ ڏئي ٿي. جيڪڏهن اهو صفحو جڙي پوي ته هي وري چاڪيءَ  جو ڏاند بڻجي ائين ئي ڪم ڪندو جيئن اڳي وارا ڪندو رهيو هو. اهو سڀ انهن سان به لاڳو ڪجي جيڪي هن کان اڳ ويا (۽ هن وقت ويٺا آهن…۽ اهي جيڪي سڀاڻي ايندا.

 

لڙڪپن کيل ۾ کويا، جواني نيند ڀر سويا،

بڙهاپا ديک ڪر رويا وهي قصه پرانا هي.

 

سڀني سان ساڳيو ٿيڻو آهي پر اهي هن ٻر مان بار بار ڏنگجڻ باوجود وري ڏنگجڻ لاءِ  تيار آهن) ته پوءِ  سندن اقتدار ۾ رهڻ وقت اهڙي شڪايت ڪرڻ نه ڪرڻ جو مطلب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. ڇا ممڪنه اقتدار (ان جو هجڻ ۽ کسجڻ) ئي اصل هدف رهيو آهي اهڙن ”وڏن انسان دوست“ ”عوام عوام“ ڪندڙن جو. يعني اقتدار ۾ هججي ته سڀ خير، ان مان تڙي ڪڍيو وڃي ته هاءِ گهوڙا. پوءِ  اهڙي هاءِ گهوڙا عوام ڇو ورنائي اهو به هڪ سوال آهي جنهن تي به غور ٿيڻ گهرجي.

اهو هڪ صفحو جوڙڻ لاءِ  جتن ڪرڻ ڪهڙي جمهوريت دوستي آهي جيڪا تسبيح حڪمران پڙهندا رهيا آهن. هن جاءِ تي هڪ سوال جيڪو اندر کي جهنجهوڙي ٿو ته ڇا هڪ صفحي تي اچڻ لاءِ  مٿيان ڄاڻايل سياستدان مڇي وانگر تڙپن ٿا، منٿون ڪن ٿا، پنهنجي عزت انا داءُ تي لڳائين ٿا يا اهي جن تي بيوسي جا الزام لڳن ٿا. ان کان هڪ قدم اڳتي اهو ته اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ  جيڪي هڪ صفحي تي اچڻ لاءِ  ميڙ منٿ قافلا وٺي ”منزل“ تي پهچن ٿا اتي اهي سڀ ڪجهه ”سرينڊر“ ڪري پوءِ  کين ”ها“ ۾ جواب ملي ٿو ته پوءِ  هي منشور ۽ تقريرون (رڙيون) جن منجهان لڳندو آهي ته اهي عوام لاءِ  ننڊون حرام ڪندڙ آهن، عوام کان سواءِ  ماني ڪونه پيا کائين سڀ ڪوڙ ۽ مڪر آهي. اقتدار ۾ اچي مهانگائي جا طوفان نئين سر آڻڻ ۽ وري جڏهن ڪرسيءَ  تان بي آبرو ڪري لاٿو وڃڻ وارا منظر جڙن ته عوام کي انهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ان باوجود ته اهي وري ”سڀاڻي پرينهن سدا لاءِ “ انهن جا ئي هئا/آهن/رهندا!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.