عمران خان آخر ڇا ٿو چاهي؟

فضل سليمان قاضي

عمران خان جي گارين واري سياست ڪن مخصوص حالتن ۾ معتبر رياستي ادارن جي سهڪار سان ووٽن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي ۽ حڪومت ٺاهي جنهن ۾ موصوف وزيراعظم جي عهدي تي ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ٿاپيل رهيو. پر اڳتي هلي بي اعتمادي جي ووٽ ذريعي عهدي تان فارغ ڪيو ويو ۽ ايئن پارليامينٽ ذريعي وزيراعظم کي پهريون ڀيرو عهدي تان هٽايو ويو. هن جي گفتار “Losse canon” واري رهي آهي. جيڪو من ۾ آيس سو چوندو رهيو آهي. هم عمرسياستدانن، جنرلن ۽ ججن لاءِ نازيبا ، غير مناسب لفظ بيان ڪندو رهيو آهي. ملڪ جي سياستدانن کي چور لفنگن جي لقبن سان نوازيندو رهيو. صوبن سان هن جا لاڳاپا خوشگوار نه رهيا آهن.

اصل ۾ هي ذاتي نظام قائم ڪرڻ گهري ٿو جنهن جو مول متو صدارتي نظام آهي جيڪو قانوني طور تي ملڪ جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي. هن جي سياست ممڪنات جي حصول جي سياست نه آهي. موصوف سنڌ مٿان ون يونٽي راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿو  جيئن اررهين ترميم کي ختم ڪري سگهي. هن جي سياست جا پنهنجا انداز آهن. آمريڪا خلاف نفرت پئدا ڪري هجومن کي غلط راهه ڏانهن مائل ڪري رهيوآهي.

هن جي سياست منهنجي ناقص علم ۾ ملڪ جي وفاقي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهي. فضوليات جي نعرن سان هجوم کي محظوظ ڪري ٿو. هن جي تقريب خطابت ۾ ڪو به علمي پهلو عيان ڪونه ٿئي ٿو. هن لاءِ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو جيڪو جرمن فيلسوف گوئٽي فرمايو هو ته  Nothing is more dangerous than ignorance in action   مان حيران آهيان ته موصوف آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ڪهڙي علمي ڪرامت حاصل ڪئي آهي.

قصو المختصر پارليامينٽ جي سياست ۾ هن جو ايمان نه آهي. هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ سواءِ سمجهڻ ۽ سوچڻ جي ان تي پنهنجي پارٽيءَ کان عمل ڪرائي ٿو. اهڙي طرح بيٺي بيٺي قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان استعيفائون ڏياريون پاڻ کي فرشتو صفت اوصاف جو مالڪ سمجهي ٿو ۽ باقي ٻين کي نالائق ۽ فضول سمجهي ٿو. سندس جهاد ۽ آزاديءَ وارا بيان فضوليات ۾ ڳڻيا وڃن ٿا ملڪ ۽ رياست جي هر لمحي توهين ڪندو رهي ٿو. ڪڏهن پاڪستان کي”بنانا ريپبلڪ“ ڪڏهن وري ڏيوالي جو شڪار سريلنڪا سان مشابهت ڪري ٿو مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته  موصوف کي ڪهڙن سببن ڪري ايڏو آزادي ڏني وئي آهي جو معتبر رياستي عملدارن کي چوڪيدار ۽ نيوٽرل جي لقبن سان نوازي ٿو. ان جي پويان ڪهڙيون قوتون آهن جو جيڪو هي چاهي ٿو سو سواءِ هٻڪ جي بيان ڪري ٿو. عمران خان پنهنجي تقريرن ۾ ڪنهن به تعميري اقتصادي ۽ سماجي پروگرام جي وضاحت يا تشريح نه ڪئي آهي. هن موجب بنيادي دلچسپي وري وزيراعظم ٿيڻ واري خواهش ۾ آهي.

مزاجن  هي شخص هوڏي، ضدي، خودغرض لڳي ٿو. ٻوڏ ستايل ماڻهن سان هن ڪا خاص همدرداڻي پاليسي جي وضاحت نه ڪئي آهي سنڌ ۾ ٻوڏ راڱا ڪيا آهن سنڌ پاڻي ۾ ٻڏل آهي. جنهن مان سنڌي مارن جي مفسلي ويتر وڌي آهي.

ڪن جو خيال آهي ته عمران خان Rabble rouser آهي فتنو ڦهلائيندڙ.جيڪو ماڻهن کي مشتعل ڪري هل ۽ هنگامو پئدا ڪري مروج نظام جو خاتمو ۽ پنهنجي اقتدار جو آغاز چاهي ٿو. بدزبان ۽ بدڪلام تماشيبين هجوم کي وندرائيندو رهي ٿو. هجومن  جو گڏجڻ مقبوليت جو Barometer نه آهي. عمران خان جو دورو حڪومت بادشاهي وارو رهيو، شايد ڪنهن وزيراعظم ايترن سياستدانن کي جيل جي حوالي ڪيو هوندو. جيترن کي عمران خان بند رکيو. اهو هن جو وڏو ڪارنامو چيو وڃي ٿو. هجومن جي موجودگي مقبوليت جو معيار نه آهي.

عمران خان ملڪ ۾ پنهنجي مرضي ۽ منشا جو Author itarian آمرانا نظام قائم ڪرڻ گهري ٿو. هيل تائين هن کي جيڪو وڻيو آهي سو چوندو رهيو ۽ ڪندو آهي. جنهن لاءِ ڪابه روڪ ٽوڪ نه رهي آهي. فوج، جج، عدالتن کي توهين آميز فقرن سان بيان ڪندو رهيو آهي جيڪا هڪ حيران ڪندڙ حقيقت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.