هلندڙ هفتي مهانگائي شرح ۾ 4 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گذريل هفتي ۾ 4.13 سيڪڙو وڌي وئي ۽ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح گذريل هفتي 27.13 سيڪڙو مان ٻيهر وڌي 30.68 سيڪڙو ٿي وئي. ان حوالي سان شماريات واري وفاقي اداري ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 21 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ 16 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي جڏهن ته 14 شين جا اگهه برقرار رهيا. وفاقي شماريات واري اداري موجب گذريل ڪجهه هفتن ۾ لوڻ جي قيمتن ۾ 2.57 سيڪڙو، ٿوم جي اگهن ۾ 1.04 سيڪڙو، چانهه جي پتي جي اگهن ۾ 1.89 سيڪڙو، تازي کير جي اگهن ۾ 1.23 سيڪڙو، چانورن جي اگهن ۾ 1.24 سيڪڙو، باھ ٻارڻ واري ڪاٺ جي اگهن ۾ 1.31  رپيا واڌ ٿي آهي. بجلي جي اگهن ۾ 89.34 سيڪڙو ۽ انرجي سيور جي اگهن ۾ 1.57 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پٽاٽي جي قيمت ۾ 0.47 سيڪڙو، ٽماٽي جي قيمت ۾ 3.37 سيڪڙو، ايل پي جي جي قيمت ۾ 0.72 سيڪڙو، دال مهري جي قيمت ۾ 2.50 سيڪڙو، دال چڻا جي قيمت ۾ 1.35 سيڪڙوواڌ ڪئي وئي آهي.ڪڪڙ جي اگهه ۾ 1.86 سيڪڙو ۽ بصر جي اگهه ۾ 2.97 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي. 03

انڪوائري ڪميشن ارشد شريف ڪيس جي جاچ لاءِ فواد  ۽ عمران کي گهرائي: جاويد لطيف

اسلام آباد (م ڊ)وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته شهيد ارشد شريف جو اسان کي ڏک آهي، انڪوائري ڪميشن ان جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي جاچ لاءِ چوڌري فواد حسين ۽ عمران خان کي به گهرائي، انقلابي جنهن جي خلاف صبح جو ماڻهن کي اڪسائيندو آهي ۽ رات جو انهن جا ئي پير پڪڙي نوڪري جي درخواست ڪندو آهي، عمران خان پنهنجي اقتدار لاءِ پاڪستان جي معيشت، قدرن، معاشره، روايتن ۽ مذهب سان کيڏي رهيو آهي ايستائين جو هي پاڪستان جي سلامتي خلاف کيڏڻ کان پاسو نه ڪري رهيو آهي. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد ارشد شريف جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، ان جي وارثن سان تعزيت ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ کين صبر عطا فرمائي پاڪستان ٺهڻ وقت پڻ بي شمار ماڻهن قربانيون ڏنيون، انهن شهيدن ۽ غازين سبب اڄ پاڪستان قائم آهي، هن چيو ته آءِ ايس پي آر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي ماضي جي غلطين ۽ آئين تي عملدرآمد جيڪو وچن ڪيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي ۽ هو 75 سالن جي جدوجهد جو ثمر آهي. هن چيو ته اسان آئين جي پاسداري لاءِ قربانيون ڏنيون. ميان جاويد لطيف چيو ته وزيراعظم کي چوان ٿو ته هو ڪيبينٽ اجلاس ۾ ارشد شريف جي شهادت جي انڪوائري جي منظوري وٺي ڇاڪاڻ ته ان جا پيرا هڪ ميڊيا هائوس ۽ عمران خان تائين وڃي رهيا آهن ان سلسلي ۾ بڻجندڙ ڪميشن فواد چوڌري ۽ عمران خان کي پڻ جاچ ۾ شامل ڪري، وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته اسان جي باري ۾ جيڪي ماڻهو چون ٿا ته توهان به ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جي باري ۾ ڳالهيون ڪندا هئا ته آئون واضح ڪريان ٿو ته اسان ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جي باري ۾ ڳالهيون ڪندا هئاسين پر اسان يونيورسٽين  ۽ ڪاليجن ۾ وڃي ٻارن کي ناهي اڪسايو.

پيمرا پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي لائيو ڪوريج تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) پيمرا پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جي لائيو ڪوريج تي پابندي هڻي ڇڏي. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ٽي وي چينلز کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ اڳواڻن جي تقريرن ​​سميت لائيو پروگرام نشر نه ڪن. پيمرا طرفان 28 آڪٽوبر تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته ٽي وي چئنلز کي هدايت ڪئي وئي هئي ته اهي پروگرام اڳ ۾ لائيو نشر نه ڪن پر ان تي عمل انتهائي ناقص آهي. اڄ ٽرانسميشن جي نگراني ڪئي وئي، ڏٺو ويو ته تقرير دوران ادارن خلاف بيان لائيو نشر ڪيا ويا، جيڪو عدالتي حڪم ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي. ٽيليويزن چينلن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو اهڙو مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن جيڪو (ڄاڻائي يا اڻڄاڻائي) ادارن جي بدنامي جو سبب هجي ۽ ان حوالي سان پنهنجي ايڊيٽوريل بورڊز، ڊائريڪٽرن، بيوروز ۽ رپورٽرن کي هدايتون جاري ڪن. پيمرا خبردار ڪيو آهي ته هدايتن تي عمل نه ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ لائسنس جي معطلي ۽ رد ٿيڻ شامل آهي.

چڪرا ڳوٺ حملو ڪيس، مک شاهد جو بيان رڪارڊ نه ٿيو

ڪراچي ( رپورٽر) اڳوڻي جاچ آفيسر چوڌري منظور جو بيان 8 مهينا گذرڻ باوجود نه ٿي سگهيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته انسپيڪٽر چوڌري منظور رٽائرمينٽ کانپوءِ اباڻي علائقي ۾ منتقل ٿي ويو آهي، جوابدار جي وڪيل جو چوڻ هو ته عدالت اڳوڻي جاچ آفيسر کي ڪيترائي ڀيرا حاضري لاءِ نوٽيس جاري ڪيا پر  هو عدالت ۾ پيش نٿو ٿئي، جنهن ڪري ڪيس ۾ دير ٿي رهي آهي، عدالت اڳوڻي جاچ آفيسر جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نادرا کي اڳوڻي جاچ آفيسر جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت لاڳاپيل کاتي کي اڳوڻي جاچ آفيسر جي پينشن به روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  واضح رهي ته ڪيس ۾ خطرناڪ ٽارگيٽ ڪلرز رئيس مما، اعجاز قادري عرف گوراڻي ۽ آصف اقبال شامل آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي تنظيمي ڪاميٽي جي انچارج حماد صديقي سميت پنجن جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، پوليس موجب جوابدار رئيس مما 2011ع  ۾ چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي حملو ڪيو، فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 27 ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.