وڏي وزير جي موجودگيءَ ۾ 3 مقتولن جو جرڳو، في خون بها 30 لک رپيا ڏنڊ مقرر

سيوھڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ) سوھڻ ويجهو ڳوٺ ماهي اوٺو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ سالن کان اوٺا ۽ هاليپوٽا برادري وچ ۾ ھلندڙ زميني معاملي تان خوني تڪرار جو نبيرو سردار محمد خان جوڻيجو ۽ سردار مير منظور خان پنھور جي سرپئنچي ۾ سندس ڪراچي واري رھائشگاھه تي ٿي گذريو، اھم فيصلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد/ علي شاھه پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ھاليپوٽا ۽ اوٺا برادري جي ٻنھي ڌرين جي امينن جون ڳالهيون ٻڌي فيصلي جي فتوا جاري ڪئي وئي آھي، مليل ڄاڻ موجب ته فيصلي ۾ اوٺا برداري جا 3 خون ثابت ٿيا ھئا جنهن ۾ وڏيرو عبدالحڪيم اوٺو ،محمد عرس اوٺو ۽ جمشيد اوٺو قتل ٿيا ھئا، جڏهن ته ھڪ نوجوان زخمي ٿيو ھو ٻئي طرف ھالپيوٽا برادري جا 5 ماڻھو زخمي ٿيا هئا جن ۾ ارسلان ھاليپوٽو، حاجي گل حسن، سڄڻ ھاليپوٽو، شريف چانڊيو، صيفل خشڪ ۽ جبار ملاح شامل آھن. فيصلي ۾ تڪراري ڄاڻايل ديهھ واري علائقي ۾ سالن کان اوٺن جي قبضي هيٺ آيل زمين اوٺا ڌر کي ڏياري وئي. جنهن جي صورتحال مطابق ايم اين اي سردار سڪندر علي راهپوٽو کي امين مقرر ڪيو ويو جيڪو انهي زمين جو رڪارڊ مطابق کاتو تبديل ڪرائي اوٺن حوالي ڪندو ۽ في خون بها 30 لک روپيا مقرر ڪئي وئي آھي، جڏھن ته 3 مقتولن مان وڏيري مقتول عبدالحڪيم اوٺو جي خون بها 30 لکن مان اڌ رقم 15 لک مقرر ڪري هاليپوٽا ڌر کي ڇوٽ ڏني وئي ڇاڪاڻ ته انهي ڪيس ۾ هاليوپوٽا برادري جي ماڻهن کي قانوني سزا ملي چڪي هئي. جڏهن ته ٻه خون مقتول عرس اوٺو ۽ جمشيد اوٺو جي خونن جي بها 60 لک روپيا مقرر ڪئي وئي آھي جيڪا قيمت هاليپوٽا ڌر ٻن قسطن ۾ ادا ڪندي. ھن خوني تڪرار واري فيصلي ۾ اوٺا برادري جو قومي سردار مير محمد اوٺو، مير مرتضيٰ اوٺو، اڳوڻو ايم پي اي ۽ موجوده پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر سيد آصف علي شاھه، اڳوڻو ايم پي اي فقير داد کوسو، سردار عبدالحميد بليدي، ايم پي اي محمد علي  ملڪاڻي،شهزاد بشير احمد ھاليپوٽو، سردار محمد خان جوڻيجو، سردار حاڪم خان نوحاڻي، رياض احمد چانڊيو، مير گل محمد جکراڻي ۽ هاليپوٽا اوٺا برادري جا ڪيترائي معززين شامل ھئا، جڏهن ته ٻئي ڌريون فيصلي تي راضي ٿي کير کنڊ ٿي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.