گلشن حديد ٽينٽ سٽي ۾ چئن ڏينهن ۾ 3 ٻارڙن سميت 4 ڄڻا بيمارين وگهي فوت ٿي ويا

ملير(ڊ ر)گلشن حديد لڳ نيو ملير هائوسنگ اسڪيم جي خالي سيڪٽر 18 ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ميگا ٽينٽ سٽي ۾ هڪ وڌيڪ ٻارڙي زهرا فاطمه ڌيءُ ظهور احمد بيماري وگهي فوت ٿي وئي،گذريل چئن ڏينهن اندر ٽينٽ سٽي ۾ ٽن ٻارڙن پنجن ورهين جي دعا ڌيءُ ظهور احمد لاشاري، ٻن سالن جي وسائي ڌيءُ پنهل ٻرڙو ۽ ٽن مهينن جي زهرا فاطمه ڌيءُ ظهور احمد لاشاري سميت ڪنڌڪوٽ واسي 60 ورهين جو طالب کوسو فوت ٿي ويا آهن، فوتي/ ٻارڙي زهرا فاطمه جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد گهگهر ڦاٽڪ لڳ ريلوي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. ان موقعي تي فوتي ٻن ڀينرن دعا ۽ زهرا جي والد جيڪب آباد واسي ظهور احمد لاشاري صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته 2 ڏينهن اڳ منهنجي پنجن ورهين جي نياڻي دعا بيماري وگهي فوت ٿي وئي هئي ۽ اڄ منهنجي ٻي نياڻي 3 مهينن جي زهرا فاطمه پڻ فوت ٿي آهي جڏهن ته گذريل چئن ڏينهن ۾ چار فوتگيون ٿي چڪيون آهن، صحت کاتي جي نااهلي سبب ٽينٽ سٽي ۾ سوين ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن،صحت کاتي ملير ڪو تحرڪ نه ورتو آهي. متاثرن مطالبو ڪيو آهي ته ترت ڊي ايڇ او ملير کي هٽائي ٽينٽ سٽي ۾ ٻارن جي ماهر ڊاڪٽرن کي مقرر ڪري ٽينٽ سٽي ۾ بيماري ۾ ورتل سوين ٻارڙن جي زندگين کي بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.