ڪراچي ۾ افواهه پکيڙي هجوم هٿان مڪلي واسي ڪمپني ملازم سميت 2 قتل

ڪراچي(رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي ۾ ٻارن جي اغوا ڪندڙن جي موجود ڳجھا  افواهه پکڙڻ بعد مڇريل ماڻهن مبينا هڪ ٽيليڪام ڪمپني جي ٻن ملازمن کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو آهي. ضلعي ڪياماڙي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مڇر ڪالوني ۾ پيش آيو جتي ماڻهن جي هڪ ٽولي ٻن ڄڻن کي ماري سندن گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي. علائقي واسين جي دعويٰ آهي جوابدار ٻارن کي اغوا ۾ ملوث هئا. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي رپورٽ موجب ٻئي ملازم ٽيليڪام ڪمپني جا لڳن ٿا جيڪي سگنل جاچڻ آيا هئا. ياد رهي ڪجهه وقت کان ٻارن جي اغوا جون خبرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون هيون. پوليس ٻڌايو ته هن پٺتي پيل علائقي ۾ اوچتو اها افواهه پکڙجي وئي ته ٻئي ماڻهو هتي ٻارن کي اغوا ڪري رهيا هئا جنهن تي ماڻهن جي هجوم مٿن حملو ڪري ڏنو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ هلندڙ آهي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ بعد حملي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  پوليس مرڻ وارن جي سڃاڻپ انجينير احمد جاويد ۽ ڊرائيور اسحاق جي نالي سان ڪئي آهي ۽ اهي جاز ڪمپني جا ملازم هئا.مارجي ويلن مان هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ مڪلي واسي احمد جاويد طور ٿي، تشدد ۾ ماريل ٻيو شخص ڊرائيور اسحاق هو. ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري چيو آهي ته ٻئي ملازم ڪياماڙي جي مڇر ڪالوني ۾ موبائيل سگنل چيڪ ڪرڻ آيا هئا،  افواهه پکيڙيو ويو ته هو علائقي مان ٻارن کي اغوا پيا ڪن. هن چيو ته مڇريل ماڻهن جي هجوم ٻنهي ملازمن کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو. ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري چيو ته ملازمن کي ڇڏائڻ لاءِ پهتل پوليس اهلڪارن تي به تشدد ڪيو ويو، 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري موجب واقعي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.