گوادر ۾ بلوچ نوجوانن جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاهرو

گوادر (م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي گوادر پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن شرڪت ڪئي. مظاهرين جو مطالبو هو ته عظيم دوست بولان ڪريم سميت سمورا گم ٿيل ماڻهو بازياب ڪيا وڃن. مظاهري کي خطاب ڪندي سياسي اڳواڻن حسين واڊيلا، ملا جميل احمد، نويد نصير، قمبر بلوچ، عظيم دوست جي ڀيڻ، بولان ڪريم جي ڀيڻ، نسيم بلوچ جي ڀيڻ، مهلب بلوچ چيو ته گم ٿيل سمورن ماڻهن کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. اڳواڻن چيو ته بلوچ هڪ ڌرتي ۽ وطن جو مالڪ آهي، هڪ اهڙي سرزمين جيڪا دولت سان مالا مال آهي پر بلوچ پنهنجي ڌرتي تي ظلم برداشت ڪري رهيا آهن.هنن چيو ته تعليم يافته نوجوانن کي گم ڪيو پيو وڃي، تشدد ٿيل لاش اڇلائڻ جو سلسلو جاري آهي، هو جنهن به عمل ۾ ملوث آهن انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.