پيٽرول تي هلندڙ گاڏيون ايندڙ 13 ورهين تائين بند ڪرڻ جو معاهدو

ڪراچي (رپورٽر) يورپي يونين جي 27 ملڪن تي ٻڌل بلاڪ وچ ۾ ٻارڻ سان هلندڙ گاڏين جو وڪرو سال 2035 تائين بند ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب يورپي ڪونسل جي نمائندن ۽ يورپي پارليامينٽ وچ ۾ خميس ڏينهن شروع ٿيل ڳالهين ۾ ٻارڻ بدران اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري تي اتفاق ٿيو آهي. يورپي پارليامينٽ ۾ ماحولياتي ڪميشن جي سربراهه پاسڪل ڪانفن ٽويٽ ۾ چيو ته ماحول جي حوالي سان هي تاريخي فيصلو آهي جنهن تحت سال 2035 تائين سمورين گاڏين ۾ ڪاربان سئو سيڪڙو ختم ٿي ويندو جڏهن ته 2025 کان 2030 دوران معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.