سکر جي جتوئي برادري ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

سکر(رپورٽ: آزاد مهر)سکر جي باگڙجي جي ڪچي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ڪشمير ۽ رجب عرف رجو جتوئي جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ وزير جتوئي واري ڌر جا چار ڄڻا نادر علي، محمد صالح سميت سردار ۽ واحد بخش جتوئي مارجي ويا، جن ۾ نادر ۽ صالح 2 سڳا ڀائر شامل آهن، ٻنھي ڌرين ۾ قتل واري واقعي کان پوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي ترجمان مير بلال لغاري مطابق باگڙجي جي ڪچي ۾ بدنام ڏوھارين جي ٻن گروپن رجو ۽ ڪشمير جتوئي وچ ۾ جھيڙي سبب ھڪ ڌر جا چار ڏوھاري مارجي ويا آھن، مارجي ويل ڏوھاري پوليس جي شھادتن سميت 40 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۽ وارداتن ۾ ملوث ھئا، مبينا مارجي ويل نادر ولد وزير علي عرف وزيرو جي گرفتاري لاءِ حڪومت سنڌ طرفان 10 لک روپيا انعام جي سفارش ٿيل ھئي، ان کان سواءِ ڄاڻايل ڏوھاري شھيد ايس ايڇ او باگڙجي سبحان شاھه جي قتل جو ماسٽر مائينڊ ۽ ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار ھيو. سردار جتوئي، سنگھن جتوئي ۽ صالح جتوئي به مارجي ويا آھن. جيڪي به مختلف سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گھربل ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.