بڊاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل

بڊاڻي (رپورٽ:مقبول مڙل) بڊاڻي جي علائقي مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام انور چاچڙ ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 35 ورهين جو صاحب علي پٽ محمد رمضان جکراڻي مارجي ويو، مقتول نوجوان جي ڀاءُ اظهر علي جکراڻي جو چوڻ آهي ته ڪجھه سال اڳ موبائيل چارجر گم ڪرڻ تان جهيڙو ٿيو هو، جهيڙي ۾ هڪ ڌُر جا 3 ڄڻا مارجي ويا هئا جيڪو اسان مٿان الزام مڙهيو ويو، ڪورٽ ڪيس خارج ڪيا اڄ بيگناھ منهنجي ڀاءُ کي جکراڻي برادري جي ماڻهن حملو ڪري قتل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.