نومبر ۾ معمول کان گهٽ برساتون، خريف جي فصل لاءِ حالتون بهتر

ڪراچي( م ڊ) موسميات کاتي نومبر ۾ موسم بابت ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.موسميات کاتي موجب نومبر ۾ معمول کان گهٽ برساتين جو امڪان آهي ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ معمول کان گهٽ برساتون پونديون.پنجاب، مٿاهون ڪي پي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به اٽڪل معمول موجب برساتون پونديون. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته موسم خشڪ هجڻ سبب خريف جي فصل لاءِ حالتون بهتر رهنديون جڏهن ته ڪڻڪ ۽ ربيع جي فصلن کي شروعات ۾ آبپاشي جي ضرورت پوندي. موسميات کاتي ٻڌايو ته ڏکڻ ۽ وچ پنجاب ۾ خشڪ موسم سان ڪوهيڙو ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته نومبر جي آخري ڏهن ڏينهن ۾ رات ۽ صبح جو ڪوهيڙو ٿيڻ جو امڪان هوندو ۽ نومبر ۾ رات جو گرمي پد گهٽ رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.