عثمان شاهه هڙي لڳ چڙهائي، ڏوهاري گرفتار نه ٿيو، پوليس کي ڇنڊ

عثمان شاھ ھڙي(ن  ع  آ ) ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ڪيهر خان لنڊ ۾ رهندڙ علائقي جو امن خراب ڪندڙ اشتهاري ۽ منشيات فروش  سليمان لنڊ پنهنجي گهر ۾ موجود هو ته کيس پوليس جي ڪاروائي جي اڳ ۾ اطلاع ملي جنهن تي هٿيارن سان جوابدار مورچابند ٿي پوليس مٿان سڌي ريت فائرنگ ڪئي جنهن جي جواب ۾ پوليس پاران پڻ فائرنگ ڪئي وئي ڪافي دير جي فائرنگ بعد جوابدار پوليس جي اکين ۾ سرمون وجهي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو علائقي واسين موجب سليمان لنڊ پوري علائقي جو امن و امان خراب ڪري ويٺل آھي مٿس مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آھن . ڊي آئي حيدرآباد پيرمحمد شاھ،آئي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدار سليمان لنڊ ۽ سندس پٽ سرفراز لنڊ سميت پٺڀرائي ڪندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري علائقي جي امن کي بحال ڪري منشيات جهڙي موذي مرض کان علائقي کي آجو ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.