ٺڪراٺو ۾ بدامني، پورهيت کان هزارين رپيا ۽ موبائل ڦر، ٽائرن کي باهه،ڌرڻو

ٺڪراٺو (رپورٽ: ضامن جتوئي) ٺڪراٺو ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي اٿي،گذريل ڏينهن سوير جو ٺڪراٺو ۾ ھٿياربندن پاران  پورھيتن کان روڪ رقم۽ موبائلون ڦر  خبر موجب پورھيت  ياسين، وسيم  ۽ عاشق مھتم رڪشا ذريعي صبح سويلي  سبزي کڻڻ لاءِ ٺڪراٺو کان سکر وڃي رھيا ھئا ته  ٺڪراٺو ٻاھران رستي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽن نامعلوم  ھٿياربندن  پاران  ھٿيارن جي زور تي پورهيتن کي يرغمال بڻائي  تشدد ڪري انهن کان 40 ھزار روڪ رقم ۽ 2  موبائلون ڦر ڪري  فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڦر واقعي جي متاثر پورهيتن ۽ سوين شهرين ٺڪراٺو جي مک چوڪ  تي سبزي فروشن شھرين سان گڏجي ڦر واقعن  ۽ بدامني خلاف ٽائر ساڙي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي  سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي عبدالجبار مھتم، ذوالفقار علي، وسيم، مشتاق احمد، لالڏنو مھتم ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته صبح سان پورھيت ياسين وسيم ۽ عاشق مھتم رڪشا تي سبزي کڻڻ سکر وڃي رھيا ھئا ته ٺڪراٺو موڙ 125 موٽرسائيڪل سوار ٽن ھٿياربندن کين يرغمال بڻائي تشدد بعد 40 ھزار روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن جنھن جو مبارڪپور ٿاڻي جي پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو پر ھو ھن مھل تائين لڙي نه آئي آھي، ڪجھ ڏينھن اڳ به ذوالفقار مھتم کان ڏيڍ لک روپيا ڦر ٿيا ھئا ايس ايڇ او طاهر دايو سان رابطو ڪرڻ تي ان چيو ته مون کي جيئن ئي اطلاع مليو ته مان پهتس، ٻئي پاسي متاثرن ڊي آءِ جي سکر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.