لکي ويجهو ڳوٺ جو اسڪول 10 سالن کان بند، ڌرڻو

لکي غلام شاھ (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ ويجهو ڳوٺ جو اسڪول 10 کان نه کليو، علائقي جي ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو، رهواسين جي دانهن باوجود انتظاميا اک نه پٽي، تعليم کاتي خلاف  ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي  غلام رسول چاچڙ. سعيد احمد چاچڙ. ٻانهين چاچڙ. علي مراد چاچڙ. سھيل احمد چاچڙ ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ لڳ ڳوٺ عبدالغفور چاچڙ جو پرائمري اسڪول  10 سالن کان بند پيل آهي، ڪيترائي ڀيرا ٽي ئي او لکي کي لکت ۾ اسڪول کولرائڻ لاءِ درخواست ڏني آهي، پر تدارڪ نه ٿيو، اسڪول نه کلڻ سبب ٻار دربدر آهن، ۽ استاد گهر ويٺي پگهار کڻي رهيا آهن، اسڪول جي بندش ۾ ٽي ئي او ملوث آهي، هنن چيو ته ٽي او دعوتون کائڻ ۾ مصروف آهي، ڳوٺ چار سئو گهرن تي مشتمل آهي، سوين ٻارن جو مستقبل داءُ تي آهي. هنن تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جو اسڪول کولرائي ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.