ڏهرڪي ۾ عورت تي ڪارنهن الزام، قتل جون ڌمڪيون، احتجاج

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏهرڪي لڳ اوٻاوڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏيوري جي رهواسڻ شادي شده ناري شبانه زال شڪيل شر پنهنجي پيرسن  پيءُ اڪرم شر سان گڏجي ميڊيا آفيس پهچي احتجاج ڪندي صحافين آڏو الزام ڏيندي چيو ته منهنجي 2 سال اڳ برادري جي شڪيل شر سان شادي ٿي، جنهن بعد برادري جو اڪبر علي شر مون کي کيس ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ تنگ ڪندو، ناجائز لاڳاپا رکڻ کان انڪار ڪرڻ تي هن سندس مڙس شڪيل کي منهنجي خلاف غلط خبرو ڪيون، جنهن تي مڙس شڪيل هن جي چوڻ ۾ اچي مون کي بنا جواز ڪوڙي ڪارپ جي الزام هيٺ گهران نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري آءُ گذريل ڇهن مهينن کان پنهنجي پيءُ جي گهر ويٺل آهيا پر اڪبر شر، غلام فريد شر ۽ ٻيا مون کي ڪارپ الازم هيٺ قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ايس ايس پي گهوٽڪي ڪارپ الزام هيٺ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.