ساماري ۾ گهر واريءَ جي اغوا خلاف مڙس جو احتجاج

سامارو ( ن ع آ ) ساماري ۾ گهرواري ۽ ٻارڙن جي اغوا خلاف ڳوٺاڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ٽنڊي جان محمد جي ڳوٺ ميرجان  محمد ٽالپر واسي پيرسن واسن خاصخيلي چيو ته منهنجو برداري جي ماڻهن سان گھرو اچ وڃ ۽ دينپو ھو، برادريءَ جي ماڻهن ڪجھه عرصو اڳ منهنجي زال کي ورغلائي وٺي زبردستي ويھاري ڇڏيو آهي. معاملي جي دانهن  سمورن معززن کي ڏني آهي پر دادرسي نه ٿي آهي، گذريل ڏينهن  ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪنـدڙ پٽ گلشير کي ٽنڊو جان محمد گھرائي منهنجي  پٽ گلشير ۽  نياڻي سلميٰ کي به گم ڪيو ويو آهي. مون کي شڪ آهي ته منهنجن ٻچن کي قتل ڪيو ويندو. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪارروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.