ڊي سي خيرپور انفارميشن آفيس ڊهڻ جو نوٽيس ورتو، دورو ڪري عملدارن کي هدايتون

سنڌ ۾ چوماسي برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري آفيسون ۽ عمارتون ڪري پيون ۽ خيرپور ضلعي ۾ به اڪثر آفيسون زبون حال ٿي ويون آهن

سخت برسات سبب ضلعي اطلاعات آفيس خيرپور به ڌماڪي سان ڪري پئي هئي

اهڙو اطلاع ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن خيرپور سيد ساجد حسين شاهه اطلاعات کاتي سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي لکت ۾ ڏنو

تنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ايس ايس پي مير روحل خان کوسو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ظفر عباس عباسي ۽ ٻين آفيسرن کي ساڻ ڪري ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس خيرپور جي عمارت جو دورو ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.