ڪوٽڙي ۾ شهرين جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي، ڌرڻو

ڪوٽڙي ۾ شهرين پاران صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

شهرين عمران ڪلوئي، حفيظ سومري، منصور راهيپوٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ميونسپل ڪاميٽي ڪوٽڙي جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي شهرين الزام هڻندي چيو ته جينهن ڏينهن کان عمران گھمرو ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو تڏهن کان شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، هنڌ هنڌ تي ڪچري جا ڍير ۽ گھٽين ۾ گٽرن جو ڪنو پاڻي بيٺل آهي.

هنن چيو ته گندگي سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته مختلف بيمارين پڻ ڪر کنيو آهي پر انتظاميا تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

شهرين ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته بنا دير نااهل ايڊمنسٽريٽر کي هٽائي سندس جاءِ تي فرض شناس آفيسر مقرر ڪري شهر جي صفائي سٿرائي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.