فيفا ورلڊ ڪپ جي تيارين دوران 3 پاڪستاني موت جو کاڄ

دوحا (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ قطر ۾ فائر برگيڊ مشقن دوران حادثي ۾ 3 پاڪستاني فائر فائٽر فوت ٿي ويا.

فٽبال جو هي عالمي مقابلو ايندڙ مهيني قطر ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي.

قطري اختيارين چيو آهي ته مارجي ويل ٽي پاڪستاني مزدور قطر جي راڄڌاني دوحه جي ويجهو هلندڙ ملٽي نيشنل سيڪيورٽي مشقن جو سڌو حصو نه هئا.

اختيارين بدقسمت حادثي جي نتيجي ۾ جاني نقصان بابت وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.