پاڪستان کان لنڊن لاءِ بڪ ڪرايل پارسلز مان هيروئن هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) جي عملي لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ خانگي ڪوريئر آفيس مان لنڊن لاءِ بڪ ڪرايل پارسل مان هيروئن هٿ ڪري ورتي آهي.

اي اين ايف جي ترجمان موجب سڄي ملڪ ۾ منشيات خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ نارمل پريڪٽس دوران لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ واقع خانگي ڪوريئر آفيسن ۾ مختلف ماڻهن پاران لنڊن لاءِ بڪ ڪرايل پارسلز جي جاچ پڙتال دوران هيروئن هٿ ٿي، هڪ پارسل مان 570 گرام ۽ ٻئي پارسل مان 360 گرام هيروئن هٿ ٿي.

ترجمان موجب بلوچستان جي تربت واري شهر ۾ هڪ ٻي ڪارروائي دوران هڪ گاڏي مان 22 ڪلو گرام آئيس هٿ ڪئي وئي، منشيات تيل جي ڊرمن ۾ لڪايل هئي ۽ ان سلسلي م تربت واسي جعفر نالي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.