ٻن اڳوڻي ڪمانڊرن سوڌو ڀارت جا اٺ آفيسر گرفتار، ڪنهن کي ڪن کڙڪ ئي نه پئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) قطر ۾ ڀارتي بحريا جي ٻن رٽائرڊ ڪمانڊرز سوڌو اٺ ڀارتي آفيسر گذريل ٻن مهينن کان گرفتار ٿيل آهن ۽ اهڙي خبر مودي سرڪاري کي ان وقت پئي جڏهن هڪ عورت طرفان اهڙي حوالي سان ٽوئيٽ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ڀارت جي بچاءَ ۽ پرڏيهي وزارت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب انڊين نيوي جي ڪمانڊرن سوڌو اٺ آفيسرن کي قطر ۾ اسٽيٽ سيڪيورٽي بيورو لڳ ڀڳ ٻن مهينن کان گرفتار ڪيو آهي. جڏهن اهڙي ڳالهه جو انڪشاف ٽوئيٽر تي هڪ عورت ڊاڪٽر ميتوڀارگوا ڪيو.

ڊاڪٽر ميتوڀارگوا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سميت اعليٰ اختيارين کي مينشن ڪيو جنهن تي اهو معاملو ننڊ ستل ڀارتي حڪومت جي ڪن پئي تنهن هوندي به هن وقت تائين رڳو بيان بازي ئي ٿي سگهي آهي.

هن تائين پهتل خبرن موجب اڳوڻي آفيسرن ۾ اعليٰ ملٽري ايوارڊ يافتا ڪمانڊر پرنيندا تيواري به شامل آهي جنهن کي اڳوڻي صدر رام ناٿ ڪوند ٻه هزار اڻويهه ۾ اهو اعزاز ڏنو هو.

ڀارتي حڪومت جي هڪ اعليٰ سفارتڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته دوحا ۾ ڀارتي سفارتي خانو قطر جي مقامي انتظاميا سان رابطي ۾ آهي ۽ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيون پيا ته اصل مسئلو ڇا آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي نيوي آفيسرن جي ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون ۽ سڄو ڌيان آفيسرن کي باحفاظت واپس واپڻ آڻڻ تي ڏئي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.