وزيراعظم وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي، انگ ڪٿي پهتو؟ ڄاڻي وٺو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف طارق محمود پاشا کي خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

ڪابينا ڊويزن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب طارق محمود پاشا ريونيو ڊويزن وارن مامرن تي خاص مددگار هوندو.

نوٽيفڪيشن موجب طارق محمود پاشا جو عهدو مملڪي وزير جي برابر هوندو.

واضح رهي ته طارق محمود پاشا جي مقرري کانپوءِ وزيراعظم جي خاص مددگارن جو انگ 29 ٿي ويو آهي جڏهن ته وفاقي ڪابينا جو گڏيل انگ وڌي 74 ٿي ويو آهي.

وفاقي ڪابينا ۾ وفاقي وزيرن جو انگ 34، مملڪتي وزير 7 ۽ صلاحڪارن جو انگ 4 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.