منوج باجپائي پنهنجي ڪردار ۾ ٻڏي ويو، چريو ٿيڻ جو خطرو

منوج باجپائي جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي زندگي جو سڀ کان ڏکيو ڪردار”گلي گليان“ ۾ ادا ڪيو آهي.

انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي هن چيو ته فلم ٺهڻ وقت هن جي ذهني صحت متاثرٿيڻ جو خطرو هو.

منوج باجپائي اهڙي ماڻهو جو ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو پنهنجي ئي خيالن ۾ ڦاٿل هوندو آهي ۽ پراڻي دهلي جي درن ۽ ڀتين ۾ وڃائجي ويندو آهي.

هن چيو آي ته هڪ موقعي تي ڪردار جي تياري ۾ ذهني توازن خراب ٿيڻ جو خدشو هو جنهن جي ڪري هن فلم وچ تي روڪي ڇڏي.

واضح رهي ته گلي گليان 2017 ۾ ريليز ٿي هئي، ان فلم کي بوسان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۽ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول سميت ڪيترين ئي عالمي فلمي پليٽ فارمز تي ساراهيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.