چڙهائي لاءِ ايندڙ جٿن جو اهڙو انجام ٿيندو جو ڪير سوچيندو به نه: گھرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله خبردار ڪيو آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي جي نيت سان ايندڙ جٿن کي اهڙي انجام کان گذارينداسين جو ٻيهر ڪير ائين سوچيندو به نه.

پريس ڪانفرنس ڪندي  وفاقي گھرو وزير رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته فيصلو ڪري ورتو هاڻ هر بري کي ان جي گھر تائين ڇڏي اچڻو آهي، جڏهن به ڪو ڪردار فتنو ڪندو ان جي مقابلي لاءِ سچ پيش ڪيو ويندو، سچ کي ڪوڙ جي مقابلي ۾ پوئتي نه رهڻ گھرجي سامهون اچڻ گھرجي.

هن جو چوڻ هو ته عمران خان ملڪ کي افراتفري ۽ ڏڦيڙ ڏانهن وٺي پيو وڃي، سندس هر پروپيگنڊا جو فوري طور جواب ڏنو ويندو.

هن خبردار ڪيو ته اسلام آباد تي چڙهائي جي نيت سان ايندڙ جٿن کي اهڙي انجام مان گذرڻو پوندو جو ٻيهر اهڙو سوچيندا نه به.

گھر وزير جو چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي هر ماڻهو کي اگھاڙو ڪري ڇڏيندو آهي هر ڪنهن کان جنسي تشدد ڪرائي ڇڏيندو آهي، عمران خان کي خبر ناهي ڇا آهي جو هر ماڻهو کي اگھاڙو ڪري جنسي تشدد جو چئي رهيو آهي، نه ڪا جاچ نه ڪيس نه درخواست ڏني بس رڳو پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته ڊي جي آءِ ايس پي آءِ تي عمران خان جي ڌمڪين جو ڪو اثر نه ٿيندو، رياست جي ذميواري آهي ته ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تحفظ ڪري، تحريڪ انصاف جس تي الزام لڳائيندي اهو پاڻ سامهون اچي جواب ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.