رضا رباني صدر عارف علوي جو مواخذو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر رضا رباني صدر عارف علوي جو مواخذو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

رضا رباني  جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي سياسي پارٽي ۽ فوجي اسٽيلشمنيٽ جي ڳالهين جو حصو ٿي پنهنجي آفيس جي غيرجانبداري جي ڀڃڪڙي ڪئي.

هن چيو ته صدر مخصوص سياسي پارٽي جي سياسي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ لاءِ ڌر بڻيو جيڪو عمل سندس عهدي جي خلاف هو.

هن چيو ته ڀڃڪڙين تي پاڪستان جي صدر جو مواخذو ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.