ڪراچي: ٻار اغوا جي الزام هيٺ ٻه ڄڻا شهرين هٿان مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي ۾ ٻارن جي اغوا ڪندڙن جي موجودگي جا افواهه پکڙجڻ بعد مڇريل ماڻهن مبينا هڪ ٽيليڪام ڪمپني جي ٻن ملازمن کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو آهي.

ضلعي ڪياماڙي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مڇر ڪالوني ۾ پيش آيو جتي ماڻهن جي هڪ ٽولي ٻن ڄڻڻ کي ماري سندن گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي.

پوليس ٻڌايو ته ڪچي علائقي ۾ اوچتو افواهه پکڙجي ويا ته 2 ماڻهو ٻارن کي اغوا ڪري رهيا هئا جنهن تي ماڻهن جي ٽولي مٿن حملو ڪري ڏنو.

واقعي جي جاچ هلندڙ آهي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ بعد حملي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته مارجي ويل 2 ڄڻا ڪنهن موبائيل ڪمپني جا ملازم هئا جن جي سڃاڻپ مڪلي واسي احمد جاويد ۽ ڊرائيور اسحاق طور ٿي آهي.

ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري چيو آهي ته ٻئي ملازم ڪياماڙي جي مڇر ڪالوني ۾ موبائيل سگنل چيڪ ڪرڻ آيا هئا، ملازمن کي ڇڏائڻ لاءِ پهتل پوليس اهلڪارن تي به تشدد ڪيو ويو، واقعي ۾ 4 اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن. جڏهن ته واقعي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو .

ڪياماڙي ضلعي جي پوليس هن وقت تائين ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.

جڏهن ته وڊيوز جي مدد سان 8 ڄڻن جي سڃاڻپ پڻ ڪئي وئي آهي.

واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.