پاڪستان ۾ ڀارت کان وڌيڪ امن آهي: عالمي سروي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گيلپ سروي جي عالمي لا اينڊ آرڊر سروي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال نه رڳو ڀارت پر سموري ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان بهتر آهي.

هن رپورٽ ۾ پاڪستان کي 100 مان 82 نمبر ڏنا ويا آهن جڏهن ته ڀارت جا نمبر 80 سريلنڪا به 80، بنگلاديش جا 79 ۽ نيپال جا 78 نمبر آهن.

رپورٽ موجب دنيا ۾ سنگاپور 96 نمبرن سان پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته تاجڪستان 95، ناروي 93، سوئٽزرلينڊ 92، انڊونيشيا 92، مصر 92، عرب امارات 92 ۽ فن لينڊ جا 91 نمبر آهن.

آمريڪا پاڪستان کان رڳو هڪ انگ مٿي آهي ۽ ان جا نمبر 83 آهن.

سعودي عرب جو اسڪور 89، برطانيا جو 79 ۽ ايران جو اسڪور 82 يعنيٰ پاڪستان جي برابر آهي.

دنيا جو سڀ کان غير محفوظ ملڪ افغانستان آهي جنهنجو اسڪور 51 آهي.

ان کانسواءِ گبون جا 54 ۽ وينزويلا جا 55 نمبر آهن.

هن سروي لاءِ گيلپ ۾ 2021 ۾ 120 ملڪن جي هڪ لک 27 هزار بالغ ماڻهن کان سوال ڪيا ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.