پيٽرول تي هلندڙ گاڏيون بند ڪرڻ جو معاهدو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي 27 ملڪن تي ٻڌل بلاڪ وچ ۾ ٻارڻ سان هلندڙ گاڏين جو وڪرو سال 2035 تائين بند ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي.

فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب يورپي ڪونسل جي نمائندن ۽ يورپي پارليامينٽ وچ ۾ خميس ڏينهن شروع ٿيل ڳالهين ۾ ٻارڻ بدران اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري تي اتفاق ٿيو آهي.

يورپي پارليامينٽ ۾ ماحولياتي ڪميشن جي سربراهه پاسڪل ڪانفن ٽويٽ ۾ چيو ته ماحول جي حوالي سان هي تاريخي فيصلو آهي جنهن تحت سال 2035 تائين سمورين گاڏين ۾ ڪاربن سئو سيڪڙو ختم ٿي ويندو جڏهن ته 2025 کان 2030 دوران معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.