ٻه خاص ماڻهو ۽ ٽي نانگ عمران خان کي ٻئي پاسي وٺي وڃي رهيا آهن: فيصل واوڊا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته عمران خان کي ٻه خاص، ٽي نانگ ڪنهن ٻئي رستي وٺي وڃي رهيا آهن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا ٽوئيٽر بيان ۾ چيو ته پنهنجي قائد عمران خان سمجهائيندو رهيس، ٻڌائيندو رهيس ۽ نشاندهي ڪندو رهيس ته سندس ڇويهه سالا سياسي محنت کي ٻه خاص، ٽي نانگ ۽ ڪجهه ڪيڙا ڪنهن ٻئي پاسي وٺي وڃي رهيا آهن.

فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته ان صورتحال سان ملڪ کي نقصان رسيو، ادارن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پي ڊي ايم کي فائدو ٿيو، اسان ٺاهه جي ويجهو هئاسين، جلد انهن جا نالا سامهون آڻيندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.