جهازن سان پکين جي ٽڪرکي روڪڻ لاءِ روبوٽ فالڪن تيار

پکين جو جهازن سان  ٽڪرائڻ وارن واقعن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي جنهن سان اڏام کي خطرا ٿي سگهن ٿا ۽ گهڻو ڪري هنگامي لينڊنگ جي ضرورت پئجي ويندي آهي پر هاڻي انهن واقعن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالوجي جو سهڪار ورتو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب نيدر لينڊ پکين جي جهازن سان ٽڪرائجڻ وارن واقعن جي روڪٿام لاءِ هڪ حل ڪڍيو آهي. جنهن ۾ هڪ روبوٽ فالڪن جي مدد ورتي ويندي.

ايئرپورٽ وائلڊ لائيف مينيجمينٽ ٽيم پاران روبوٽ فالڪن جي مدد سان ايئر پورٽ جي علائقي مان پکين کي ڊيڄاري ڀڄايو ويندو.

اهو روبوٽ فائبر سان بڻايو ويو آهي جنهن تي ستر سينٽي ميٽر جا پر لڳايا ويا آهن ۽ اهو هڪ پرزور آواز ڪڍندو آهي، ان کانسواءِ فالڪن جي پرن ۾ ڪيمرا لڳل آهي جڏهن ته ان جو مجموعي وزن هڪ ڪلو کان گهٽ آهي.

ان کان اڳ سال 2019 ۾ به نيدرلينڊ جي شهر ورڪم ۾ ان منصوبي جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو هو جنهن ۾ روبوٽ فالڪن پنهنجي پنج منٽ جي اڏام ۾ ستر سيڪنڊز ۾ پنجاهه سيڪڙو حصي کان پکين جي ولر کي ڀڄايو هو.

هڪ رپورٽ موجب ان تجربي ۾ روبوٽ فالڪن ڊرون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.