ايلون مسڪ ٽوئيٽرسنڀالي ورتو، ٽوئيٽر لاءِ پهرين ٽوئيٽ ۾ ڇا چيو؟

ايلون مسڪ چوئيتاليهه ارب ڊالرز ۾ ٽوئيٽر جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو جنهن بعد اڳوڻي سي اي او اگروال ۽ سيگال ٽوئيٽر تان موڪلائي ويا.

ٽوئيٽر ڊيل بعد ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي جاري مختصر پيغام ۾ لکيو ته پکي آزاد ٿي ويو.

ايلون مسڪ چيو ته واهپيدارن ۽ ايڊورٽائزرز لاءِ شيون تبديل ڪيون پيون وڃن جتي ڪنهن کي به ڪجهه چوڻ تي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته اهڙا اشتهار هوندا جيڪي واهپيدارن جي ضرورت موجب هوندا.

ايلون مسڪ کي اڄوڪي ڏينهن جمعي تي ٽوئيٽر جي ڊيل يقيني بڻائڻي هئي نه ته معاملو عدالت پهچي هان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.