سرڪاري ملازمن جي پگهارن بابت اهم اعلان

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ دير بابت پکڙجندڙ خبرن تي ناڻي کاتي وضاحتي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي رولز موجب سرڪاري ملازمن جي پگهار هر مهيني جي آخري ورڪنگ ڊي تي ڪنهن به وقت صحيح ڪري سگهجي ٿي ۽ ايندڙ ڏينهن ورڪنگ ڊي تي پگهار ورڇ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

ذريعن موجب وقت کان اڳ خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته سيپٽمبر وانگر آڪٽوبر جي مهيني جون پگهارون به پندرنهن نومبر تائين دير جو شڪار ٿي وينديون، عام طور تي هر مهيني 28 تاريخ تي پگهارن جي ورڇ شروع ٿي ويندي آهي جنهن تحت پهرين تاريخ تي پگهارون ملازمن جي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيون وينديون آهن. ان تناظر ۾ نئين نوٽيفڪيشن موجب پگهارون 31 آڪٽوبر تي سومر واري ڏينهن صحيح ڪيون وينديون ۽ ايندڙ ڏينهن اڱاري تي پگهارون ورڇ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.