ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسان اڪثر اڇي ڪڻڪ جو استعمال ڪندا آهيون پر ڪاري ڪڻڪ اڇي ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صحت بخش آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي اهم غذائي جز موجود آهن ۽ ان جو استعمال جسم جي قوت مدافعت کي به وڌائي ٿو.
ذريعن موجب ڪاري ڪڻڪ ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ، بي وٽامن، فولڪ ايسڊ، سلينيم، ميگنيشيم، مينگنيز، زنڪ، ڪيلشيم، آئرن، ڪاپر، پوٽاشيم، فائبر ۽ امينو ايسڊس هوندا آهن، جيڪي هن ڪڻڪ کي غذائيت سان مالا مال ڪن ٿا.
ڪاري ڪڻڪ جا اهم فائدا:
* ٿولهه گهٽائي ٿي.
*شگر ڪنٽرول ۾ رکي ٿي.
*بلڊ پريشر کي ضابطي ۾ رکي ٿي.
*ڪوليسٽرول جي سطح ڪنٽرول ۾ رهي ٿي.
*قبض مان ڇوٽڪارو ڏياري ٿي.
ڪاري ڪڻڪ کي 2017 ۾ نيشنل ايگرو فوڊ بايو ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي، موهالي پنجاب ۾ سالن جي تحقيق کان پوءِ تيار ڪيو ويو هو.