نالو مٽائي ٻيهر سعودي وڃي سگهجي ٿو؟

رياض (ويب ڊيسڪ) ماضي ۾ سعودي عرب ۾ اميگريشن قانونن تحت محدود مدي لاءِ ترسيلن کي ڊي پورٽ ڪيوويندو هو.

هلندڙ سال جي شروعات ۾ اميگريشن قانون ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن تحت هاڻي ڊي پورت ٿيل ڪو به شخص ڪنهن ويزا تي تاحيات ملڪ نٿو اچي سگهي.

ان ڏس ۾ هڪ شخص سوال ڪيو ته هو چاليهه سال سعودي عرب ۾ رهيو، پنهنجي ملڪ جي قانون موجب نالو تبديل ڪرايائين، نالي جي تبديلي کي قانوني طريقي سان انجام ڏنو ويو جڏهن ته اخبار ۾ اشتهار به ڏنو ويو ۽ ٻيون گهرجون به پوريون ڪيون ويون ڇا هاڻي مان ٻيهر سعودي اچي سگهان ٿو؟

سوال جي جواب ۾ اختيارين جو چوڻ هو ته اهي سمنڊ پار ماڻهو جيڪي سعودي ۾ رهندا هئا ۽ سندن واپسي قانوني طريقي سان ٿي آهي انهن تي ڪنهن قسم جو ڪو ڪيس ناهي ۽ اهي چاهين ٿا ته اچي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.