مهان ڀڳت، ڪنور رام جو وڇوڙو

سنڌ جي فنڪارن ۾ ڀڳت ڪنور رام جو نالو وڏونالو آهي

ڀڳت ڪنور رام 13 آڪٽوبر 1885 ڌاري ديوان تارا چند جي گهر ڳوٺ جروار ويجهو ميرپور ماٿيلي ۾ پيدا ٿيو.

ڀڳت ڪنور رام جو پيءُ تارا چند غربت سبب ڳوٺ ۾ چڻا وڪڻندو هو ۽ جڏهن ڀڳت ڪنور رام ٿورو وڏو ٿيو ته کيس به گهر جو گذر سفر هلائڻ لاءِ چڻن جو ٿال ڀري وڪڻڻ لاءِ هٿن ۾ سندس امڙ شريمتي ڏيندي هئي، ڪنور رام هوڪو ڏيندو هو ته ننڍا توڙي وڏا هن جي آواز تي گڏ ٿي ويندا هئا.

سندس آواز ننڍپڻ کان ئي سريلو هو، ڪنور رام کي پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هوندو هو پر مفلسي جي ڪري نصابي ۽ ڪتابي تعليم ته حاصل نه ڪري سگهيو پر روحاني تعليم حاصل ڪيائين.

سندس ڳوٺ جي مڙهي ۾ جڏهن صوفياڻو راڳ ٿيندو هو سو ٻڌي ڀڳت ڪنور رام به راڳ ڳائڻ شروع ڪيو.

هن راڳ جي ڪا به باقاعدگي سان سکيا يا فني تعليم شروعات ۾ حاصل نه ڪئي پر سنت سترامداس کان ڀڳتيون ڪجهه تربيت وٺي ڀڳتيون به ڳائيندو  هو.

سندس آواز ۾ ميٺاج هو سو کيس ٿوري ئي وقت ۾ مقبوليت ملي وئي.

هو پيرن ۾ گهنگهرن جي ڇير ٻڌي نچندو به هو ته ڳائيندو به هو.

ڪنور رام زندگيءَ جو آخري راڳ مانجھندن ۾ ڳايو جڏهن کيس رڪ ريلوي اسٽيشن تي فائر ڪري قتل ڪيو ويو.

اھو حادثو 1 نومبر 1939ع تي پيش آيو ۽ جڏهن ته ندس اگني سنسڪار 2 نومبر تي ڪيو ويو.

سندس آخري آرامگاھه رھڙڪيءَ ۾ سنت سترام داس جي قدمن ۾ آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.