ٽي ملڪي سيريز جي فاتح ٽيم مان عالمي ڪپ کٽڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي؟

سرمد سولنگي 

 

نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٿيل ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فاتح ته پاڪستاني ٽيم رھي پر ڪرڪيٽ ايڪسپرٽ ايونٽ کان اڳ جن مسئلن جي نشاندهي ڪري رھيا ھئا اھي جيئن جو تيئن ھن سيريز ۾ به موجود رھيا.

ايونٽ کٽڻ باوجود مداحن ۽ ڪرڪيٽ پنڊتن جي ذھن ۾ ھڪ ئي اُڀري رهيو آهي ته ڇا ايندڙ ھفتي شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪپتان بابر اعظم جي اڳواڻي ھي ٽيم پهرين چوائس هوندي يا وري ڪا ڦير ڦار ٿيندي ؟ ڇاڪاڻ ته سيريز جي فائنل ۾ جتي محمد نواز جي بيٽنگ ڪيئي خامين تي پردو وڌو آهي،  اتي ئي ٽاپ آرڊر جي ڪارڪردگي پڻ وائکي ٿي وئي آھي .

اڳتي وڌڻ پهرين مختصر طور ھن ٽي ملڪي سيريز ۾ گرين شرٽس جي ڪارڪردگي تي نظر وجهندا هلون ته پاڪستان ٽيم کي جتي مڊل آرڊر ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو اتي ئي ٽاپ آرڊر جي سست انداز ۾ بيٽنگ ڪرڻ ھڪ نئون مسئلو بڻجي سامهون آيو آهي!

سيريز دوران مڊل آرڊر ۾ افتخار احمد 65، حيدر علي 55، شاداب خان 42 ۽ آصف علي 32 رنسون اسڪور ڪيون جڏھن ون ڊائون جهڙي اھم پوزيشن تي کيڏندڙ شان مسعود جي گڏيل طور رنسن جو انگ 64 رھيو.

سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاھڻ واري فهرست ۾ ڪيويز وڪيٽ ڪيپر ڊيون ڪانوي ٽاپ تي رھيو، ھن پنج ميچن ۾ 77 ڏھائي ڇهه جي ايوريج سان 233 رنسون ٺاهيون، پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان 50 جي ايوريج سان201 رنسون ٺاهي ٻئي نمبر تي رھيو جڏھن 48 جي ايوريج سان 192 رنسون ٺاهي بابر اعظم ٽئين پوزيشن ماڻي.

بالرن جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪجي تي ڪيوي بالر مائيڪل بريسويل ۽ ٽم سائوٿي جي ڪارڪردگي سڀ کان بهتر رھي، ٻنهي پنج ميچن ۾ 8،8 وڪيٽون حاصل ڪيون، پاڪستاني بالر محمد وسيم ست، حارث رئوف ۽ محمد نواز جي حصي ۾ ڇهه وڪيٽون آيون، محمد نواز رڳو بالنگ ۾ ئي نه بيٽنگ ۾ به پاڻ ملهايو ۽ فائنل سميت ٻين ميچن ۾ پنهنجي تيز بيٽنگ سان پاڪستان کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو،  ھن سيريز ۾ 160 جي اسٽرائيڪ ريٽ ۽ 53 ڏھائي پنج جي ايوريج سان 107 رنسون ٺاهيون.

سيريز دوران کيس مختلف نمبرن تي کيڏائڻ ٽيم جي ڪم آيو، فائنل ۾ھن اھم موقعي تي 22 بالن تي 38 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي پاڪستان کي سوڀارو ڪيو.

بابر ۽ رضوان رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب پر اسٽرائيڪ ريٽ ڪيئي سوال اُٿاري ٿو

پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان ٻئي سيريز جي ٽاپ ٽن اسڪورز ته شامل رهيا ۽ ٻئي بيٽرز ھن وقت آئي سي سي جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پنج بهترين بيٽرز ۾ شامل آھن پر ڪرڪيٽ پرستار سندن سست بيٽنگ واري انداز سبب گهڻو پريشان آھن، فائنل ۾ به بابر اعظم 14 بالن تي پندرنهن رنسون ٺاھي سگهيو جڏھن ته محمد رضوان پڻ 29 بالن تي چوٽيهه رنسن جي اننگز کيڏي.

اھڙي قسم جي سست بيٽنگ جي ڪري ون ڊائون پوزيشن تي ايندڙ شان مسعود دٻاءُ جو شڪار رھيو ۽ 164 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم ڏھن اوورن ۾ رڳو 64 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان ٽيم لاءِ اھو سٺو سنئوڻ آھي جو عالمي ڪپ کان اڳ مڊل آرڊر ۾ محمد نواز، حيدر علي ۽ افتخار احمد جارحاڻي راند کيڏي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو نه ته شايد پاڪستاني جي بدران نيوزيلينڊ جي ھٿ ۾ ٽرافي ھجي ھا.

ڇا پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي سگهي ٿو؟

ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو ميلو آسٽريليا جي سرزمين تي 16 آڪٽوبر کان شروع ٿي رھيو ۽ پهرين مرحلي ۾ اٺ ٽيمون گروپ ميچون کيڏنديون جنهن مان چار ڪامياب ٽيمون سپر 12 مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪنديون، سپر 12 مرحلي جي پهرين ميچ ميزبان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 22 آڪٽوبر تي ٿيندي، سپر 12 مرحلي کان اڳ پاڪستان ٽيم کي 17 ۽ 19 آڪٽوبر تي برسبين ۾ انگلينڊ ۽ افغانستان خلاف وارم اپ ميچون کيڏڻيون آھن جيڪي ايندڙ مرحلي جي پليئنگ اليون جوڙڻ لاءِ اھم ثابت ٿينديون.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پنهنجو سفر 23 هين آڪٽوبر کان ڀارت خلاف رٿيل ميچ کان شروع ڪندي، ايونٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ جي گروپ ٽو ۾ رکيو ويو آهي ته جتي ان سان گڏ ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، بنگلاديش ٻه ڪواليفائر ٽيمون موجود هونديون،  پر هن وقت سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته پاڪستاني ٽيم اهن ميگا ايونٽ ۾ ڪيستائين وڃي سگهي ٿي؟  ۽ ڇا هن ٽيم ۾ عالمي چمپيئن بڻجڻ جي صلاحيت آهي؟  اهڙي قسم جا سوال سولائي سان نٿا ملي سگهن ڇاڪاڻ ته اهو معاملو اميدن ۽ زميني حقيقتن جو هوندو آهي، شوقين ته ڪيئي اميدون لڳائي ويٺا آهن جڏهن ته ٽيم جي اڳتي وڌڻ جو امڪان ان جي  پنهنجي ڪارڪردگي تي هوندي آهي.

ٽي ملڪي سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي سان پاڪستان ٽيم جا حوصلا ته بلند ٿيا ھوندا پر آسٽريليا ۾ وڏن گرائونڊن ۽ تيز وڪيٽن لاءِ گرين شرٽس کي نئين حڪمت عملي جوڙڻي پوندي پوندي، پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ به محمد رضوان ۽ بابر اعظم کي اوپننگ جوڙي طور کيڏائڻ جو ارادو رکي ٿي جڏهن ته ون ڊائون پوزيشن تي ٽيم لاءِ فخر زمان جو آپش موجود آھي جيڪو انجري سبب ٽي ملڪي سيريز ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو ھو. ٽيم وٽ ھاڻ پنهنجي اسٽرائيڪر فاسٽ بالر شاھين شاهه جو آپش به موجود آھي جنهن سان پاڪستان عالمي ڪپ جو سڀ کان مضبوط بالنگ يونٽ طور سامهون ايندو .

پاڪستان ٽيم هن وقت ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ چوٿين پوزيشن تي آهي، ٽيم جي تازي پرفارمنس تي نظر وجهون ته ٽيم  ايشيا ڪپ جو فائنل کيڏي آئي آهي، ان ايونٽ ۾ هن ڀارت کي ٻن مان هڪ مقابلي ۾ شڪست ڏني هئي، انگلينڊ خلاف ست ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي جيڪا انگلينڊ چار ٽي تان پنهنجي نالي ڪئي.

پر انگن اکرن کي پاسي ته رکي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته پاڪستان هڪ اهڙي ٽيم آهي جنهن بابت ڪجهه به چئي سگهجي ٿو، هي وڏي کان وڏي ٽيم کي هارائڻ جي صلاحيت به رکي ٿو ته ننڍي کان ننڍي ٽيم کان به هارائي وڃڻ ان لاءِ نئين ڳالهه نه  آهي،  ماضي ۾ اهڙا ڪيئي مثال موجود آهي جڏهن پاڪستان ٽيم کي ڪو به اهميت نه ڏيندو هو ۽ اها فاتح رهي، 1992ع وارو عالمي ڪپ هجي 2009ع  وارو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ 2017ع واري چيمپيئنز ٽرافي  ڪنهن سوچيو هو ته پاڪستان ٽيم فائنل تائين ويندي ۽ سوڀاري ٿيندي؟ هيءَ  ٽيم اوچتو کٽڻ شروع ڪندي آهي، هن عالمي ڪپ ۾ پڻ پاڪستاني ٽيم لاءِ اڳتي وڌڻ جا ڀرپور موقعا آهن پر ان لاءِ هر رانديگر کي پنهنجي صلاحيتن پٽاندڙ کيڏڻو پوندو. ٽيم جي موجودا ڪارڪردگي ڏٺي وڃي ته اها ايتري سٺي نه آهي پر جيڪڏهن وڏن ايونٽن جي ڳالهه ڪجي ته پاڪستان ٽيم سدائين اڳتي ويندي نظر آئي آهي، خاص ڪري آءِ سي سي ايونٽن ۾ ته هي ٽيم ڪجهه ٻئي ئي رنگ روپ ۾ ڏٺي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.