کليل تيل ۽ گيهه وڪڻڻ جي کلي ڇوٽ نه ٿا ڏئي سگهون: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ کليل تيل ۽ گيهه جي  وڪرو تي پابندي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ فوڊ اٿارٽي معيار چيڪ ڪرڻ جي طريقيڪار جي حوالي سان لکت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان ڪنهن کي اوپن لائسنس نٿا ڏئي سگهون، قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.