بدين جي بچلان اڄ به درد جو داستان، پٽ جون ماني لاءِ دانهون!

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) پيپلز پارٽي جي حڪومت ڇھن سالن کان پيرسن بيواھ جي درد کي نه سمجھي، 20 مارچ 2016 تي عوامي  آواز پيرسن بيواھ مسمات بچلان زال مرحوم جعمون کوسو جي رپورٽ ھلائي ته سندس مدد ڪئي وڃي، ڇھه سال گذرڻ باوجود به ھن بيواھ پيرسن جي ڪا به مدد نه ٿي، سندس فاڪشي واري صورتحال کي رحم دل ئي سمجھي سگھي ٿو، پيرسن بچلان مسلسل انڪم سپوٽ پروگرام سميت سنڌ سرڪار جي سمورن پئڪجن کان مسلسل محروم آھي، جيڪا در در جا ڌڪا کائي کائي آخرڪار پنھنجي ڪکاوائن جي جھوپڙي ۾ درد سمائي ويھي رھي آھي، ھن روئندي چيو ته بينظير اسان بيواھ مستحق عورتن جي مدد لاءِ پئڪج ڏنو پر چونڊيل اميدوار اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن، تازين برساتن ۾ جھوپڙي اندر برسات پوندي رھي پر آئون روئندي تڪليف ۾ رات گذاري ويندي ھيس، ھن چيو ته اسان مستحق عورتن جي رقمن مان ڊوائيز وارن ڪروڙن جا بنگلا ٺھرائي ڇڏيا پر آئون جھوپڙي ۾ ھڪ وقت ڍو تي ته ٻيو بک ڪاٽي سمھي پوان ٿي، ڪجھه ڳوٺ وارا مدد ڪن ٿا پر اھا به ڪڏھن ڪڏھن ٿئي ٿي.بچلان ٻڌائي ٿي ته سندس نوجوان پٽ احمد خان 15 سالن کان ذهني معذور بڻيل آهي، غربت سبب بيواھ عورت پنهنجي نوجوان پٽ جو علاج ڪرائي نه سگھي، ايتري قدر پيرسن بيواھ پريشان آھي جو گھر ۾ اٽو نه ھجڻ سبب چريو پٽ رڙيون ڪندي ماني گھرندو آهي، جنهن بعد پيرسن ڳوٺاڻن کي چوندي آھي ته مون کي اٽو ڏيو، جيڪڏھن اٽو نه آھي ته نشي واريون گوريون گھرائي ڏيو جيڪي کيس کارايا جيئن ھي گوڙ بند ڪري، بکي پيٽ سمھي رھي.

  • بچلان 20 مارچ 2016 واري روزاني عوامي آواز اخبار اڃا تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکي

بدين: بچلان 20 مارچ 2016 واري روزاني عوامي آواز اخبار اڃا تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکي آھي، سندس ڪچي جھوپڙي ۾ برسات سبب اخبار جو ڪجھه حصو پسي  خراب ٿي ويو آهي، اڌ حصي ۾ ۾ ھو ان ئي چري پٽ سان گڏ ويٺل آھي جيڪا اڄ به پيل آھي .

  • پ پ قيادت به پيرسن کي ڌڪا کارائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، 6 سالن ۾ رقم نه ملي!

بدين: بيواھ بچلان جي غربت، لاچاري ۽ بيوسي بابت رپورٽ 20 مارچ 2016 تي عوامي آواز ۾ چپجي هئي، ان بعد پيپلز پارٽي  جي اعليٰ قيادت نوٽيس ورتو پر اهو نوٽيس رڳو نوٽيس ئي ثابت ھو، عشر زڪوات وارن سندس بئنڪ اڪائونٽ کولرايو پر 6 سال گذرڻ باوجود ان ۾ رقم نه اچي سگهي، پيرسن موجب ھاڻي جيڪڏھن رقم ملي ته آئون موت جي ويجھي آھيان، انهن پئسن مان منھنجي خيرات جي ماني به نه ڪجو، منھنجو سڀ ڪجھه  ختم ٿي چڪو پٽ چريو گھر به نه آھي گھر ۾ فاڪشي آھي ان ڪري مايوس ٿي ويھي رھي آھيان .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.