بختاور ڀٽو هڪ سال بعد ٻئي پٽ جي ماءُ بڻجي وئي

دبئي(م ڊ) شهيد محترما بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو هڪ سال کانپوءِ ٻئي پٽ جي ماءُ بڻجي وئي، بختاور ڀٽو سوشل ميڊيا تي ٻئي پٽ جي پيدائش جو اطلاع ڏنو ۽ الله جو شڪر ادا ڪيو، ٽوئيٽ ۾ بختاور گذريل ڏينهن پندرنهن آڪٽوبر ٻه هزار ٻاويهه جي تاريخ لکي آهي، بختاور پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته الحمدالله اسين پنهنجي ٻئي پٽ جي پيدائش واري خبر ٻڌائيندي خوش آهيون، واضح رهي ته بختاور ڀٽو زرداري کي گذريل سال يارنهن آڪٽوبر تي پهرين پٽ جي پدائش ٿي جنهن جو نالو حاڪم چوڌري رکيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.