ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊي سي آفيسن آڏو ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندا) سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ متاثر ماڻهن جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرا  ڪري ڌرڻا هنيا ويا، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪامياب احتجاج ڪرڻ تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته برساتي ٻوڏ سبب تباھ ٿيندڙ سنڌ جي ماڻهن جي نالي تي مليل امداد مان سنڌ حڪومت اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. متاثرين کي امداد ڏيڻ بدران رڪارڊ ۾ ڪاغذن جا پيٽ ڀريا ويا آهن، سنڌ جا 2 ڪرڙو کان وڌيڪ  بي گهر ماڻهو بي يارو مددگار کليل آسمان، روڊن ۽ رليف ڪئمپن ۾ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. حڪومت 20 سيڪڙو ماڻهن تائين به پهچڻ ۾ ناڪام وئي آهي. 80 سيڪڙو اڃان تائين علائقا پاڻي هيٺ آھن، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي حيدرآباد ۾ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي شهباز بلڊنگ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. جنهن ۾ عورتن جو وڏو انگ شامل هو، احتجاج جي اڳواڻي انور خاصخيلي. جان محمد جوڻيجو. سميع چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ملير ۾ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اعجاز سامٽيو، خير محمد مگسي، شوڪت سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو، سکر ۾ پريس ڪلب کان ڊي سي آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي دوران انتظاميا جي نااهلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي جي اڳواڻي عيدن جاگيراڻي ۽ ٻيا ڪري رھيا هئا.جيڪب آباد ۾ عبدالستار جاگيراڻي، عبدالرزاق لاشاري ۽ نظام مستوئي،  محمد عمر سولنگي، يوسف سولنگي، ممتاز ٻرڙو  جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش سومرو پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾  دلمراد ڏاهاڻي، اڪرم باجڪاڻي، ظريت بجاراڻي، سجاد بروهي، شاهنواز مرهيٽو، فضل سبزوئي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خيرپور ۾ ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، سيد شاڪر علي شاهه، سجاد سولنگي، ايڊووڪيٽ نثار سومرو، نور احمد تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.لاڙڪاڻو ۾  ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي عزيز الله ڀٽو، ذوالفقار بليدي، ڊاڪٽر مظهر مغل، خورشيد ڪيهر، لياقت پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو، ميرپورماٿيلو ۾ حاتن شر، اڪرم ميتلو، عمر ڀيو، ڪمال مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مٺي ۾ گھنشام مالھي، وڪيل شاھنواز ھنڱورجو، سبحان بجير، وزير سميجو، مشتاق قاسماڻي، پرشوتم پرمار، ڏيوجي ڀيل، پرديپ سنڌي، جي اڳواڻي ۾ نيشنل بيئنڪ کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. عمرڪوٽ ۾  ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعري بازي ڪئي ويئي، ان موقعي تي اڳواڻن راجا دسرت، گل بجير، شاھد ساند، ساحل ساند، ربنواز منڱريو، ذوالفقار خاصخيلي، ذوالفقار دلواڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. سانگھڙ ۾ محمد خان پنهور، علي ڏنو خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شھداد ڪوٽ ۾ ڌرڻي جي اڳواڻي حاڪم مستوئي، الھداد خشڪ  امداد سومرو، داد کنڊ، علي چانديو،  بچل باغي،ميرپورخاص ۾ واجد لغاري، منظور ميمڻ، اڪبر شر، عبدلڪريم ڪيريو،عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.