لانگ مارچ کان اڳ اسلام آباد ڪنٽينرن سان سٿجي ويو،عمران کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم شهبازشريف پاران عمران خان تي سنگين غداري جو الزام مڙهڻ پٺيان لڳي ٿو ته هن ڀيري حڪومت عمران خان خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ سنجيده نظر اچي رهي آهي، حڪمران اتحاد  جو به ان سلسلي ۾ اجلاس ٿي چڪو آهي، ان ملاقات کانپوءِ اسلام آباد ڪنٽيرن جو شهر بڻجي چڪو آهي.

عمران خان جي اعلان کان اڳ ئي 100 ڪنٽينر اسلام آباد پهچايا ويندا ته ان پٺيان لازمي ڪجهه نه ڪجهه منطق هوندو. حڪومت ردعمل جي شدت گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر رکرايا آهن ۽ اسلام آباد ۾ آرٽيڪل 245 لاڳو ڪرڻ جون به ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهي قدم عمران خان لاءِ خطري جي گهنٽي آهن.

ان سان گڏوگڏ عمران خان جي پوري ڪابينا خلاف نيب نوٽيس جاري ڪيا آهن، آنسو گئس جا شيل گڏ ڪيا ويا آهن،ڊرون تيار ڪيا ويا آهن، رينجرز ۽ ايف سي جون آزمائشي مشقون شروع ٿي ويون آهن،اسلام آباد ايندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن،  وزيراعظم حڪمران اتحاد جي اجلاس ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ مقرري ۽ امڪاني لانگ مارچ بابت اتحادين سان مشورا ڪيا، ڪجهه آپشنز تي به ڳالهيون ڪيون ويون، ان اجلاس ۾ پ پ طرفان چيو ويو ته آرمي چيف جي مقرري توهان ئي ڪرڻي آهي اسان کي توهان تي مڪمل اعتماد آهي، اسان پاران ڪنهن پسند نه پسند جو اظهار نه ڪيو ويندو، مولانا جي راءِ به اهڙي ئي هئي.

اجلاس ۾ ڳڻتي ڪئي وئي ته عمران خان کي ايتري ڇوٽ ڪيئن مليل آهي، اسان کي سندس رستو روڪڻو پوندو، اسان لاءِ سياسي مشڪلات وڌندي،اڳواڻن چيو ته  اسان جي دور ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سنجيدگي سان قدم نه کنيا آهن، اسان کي ووٽرن سان ڳنڍيل رهڻ لاءِ وقت گهرجي، وفاقي حڪومت عمران خان خلاف سنگين غداري جو ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها قرارداد اسيمبلي مان منظور ڪري مشرف طرز تي خاص عدالت جوڙي ويندي پوءِ خبر پوندي ته اها ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟ ڪنٽينر رکڻ مان لڳي ٿو ته عمران خان ايندڙ 7 ڏينهن ۾ اسلام آباد تي چڙهائي ڪندو.

عمران خان ته لانگ مارچ بابت شاهه محمود قريشي کي به ناهي ٻڌايو، هو ڪنهن شئي جو انتظار ڪري پيو، هو رڳو ماحول چيڪ ڪري رهيو آهي، حڪومت ٻن ڪيسن ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي آهي، حڪمران اتحاد ان سلسلي ۾ ٽائم لائن طئي ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ مان 25 هزار اهلڪارن جي اضافي نفري، 60 هزار آنسو گئس جا شيل،50 هزار رٻڙ جون گوليون گڏ ڪيون ويون آهن، عمران خان جي گرفتاري جي صورت ۾ ماڻهو اسلام آباد لاءِ نڪري پوندا، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ عمران خان خلاف ڪارروائي ٿيڻ واري آهي، اسلام آباد ڪنٽينرستان بڻيل رهندو.

نوٽ : هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 2022-10-07 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.