صدر جو پارليامينٽ کي خطاب، حڪومت سان گڏ پي ٽي آءِ جو به بائيڪاٽ

اسلام آباد (م ڊ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي خطاب جي موقعي تي حڪومت سان گڏ تحريڪ انصاف به اڻ اعلانيل  بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. صدر عارف علوي جي خطاب دوران ايوان تقريبن خالي رهيو ۽ 442 ميمبرن جي ايوان ۾ رڳو 14 ميمبر موجود هئا، جيڪي به صدر جي خطاب سان عدم دلچسپي ظاهر ڪندا رهيا، اسپيڪر طرفان ميمبرن کي سيٽن تي وڃڻ جي هدايت به ڪئي وئي. صدر ميمبرن طرفان ڌيان نه ڏيڻ باوجود پنهنجو خطاب جاري رکيو، ان دوران پي ٽي آءِ جو ڪو به ايم اين اي يا سينيٽر موجود نه هو پر پي ٽي آءِ جا ڪجهه باغي ميمبر ايوان ۾ موجود هئا. گڏيل اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي اسپيڪر ڪري رهيو آهي، ان کي به نٿا مڃون. ن ليگ، پ پ ۽ جمعيت علماءِ اسلام به صدر جي خطاب جو اڻ اعلانيل بائيڪاٽ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.