آڊيو ليڪس جاچ سٺو قدم، مسئلن مان نڪرڻ جو حل چونڊون آهن

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي چيو آهي ته آڊيو ليڪس جي جاچ حڪومت جو سٺو قدم آهي، خدا جي واسطي هن ملڪ ۾ ورهاست  کي ختم ڪيو، ضد کي ڇڏڻ بنا ورهاست ختم نه ٿيندي. ورهاست ختم ڪرڻ لاءِ مسئلن جو حل چونڊون آهن. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سان خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته قائداعظم اتحاد ڪيو هو، اتحاد ته ليڊرن ۾ ٿيڻ گهرجي، ورهاست ختم ڪرڻ لاءِ اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ فري اينڊ فيئر چونڊن جي گهر رهندي آهي، هن ئي پارليامينٽ کي اها اي وي ايم جي صلاح ڏني هئي،هن چيو ته هر چونڊ کي چئلينج ڪرڻ سان پاڪستان ۾ استحڪام ڪيئن ايندو، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق آهي. سندس چوڻ هو ته آڊيو ليڪس جي جاچ حڪومت جو سٺو قدم آهي، دنيا جون جنگيون هاڻ سائبر جي ميدان ۾ وڙهيون پيون وڃن.صدر عارف علوي چيو ته نيب ماڻهن کي پريشان ڪري ته ان کي روڪڻ جي ضرورت آهي، نيب کي سياست مان هٽايو، نيب کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف سان مناسب معاهدو ٿيو، سياسي استحڪام ضروري آهي.هن چيو ته چين سان دوستي اسان جي اصل دوستي آهي، جڏهن ته اسان جي هر ضرورت تي سعودي عرب ڪم آيو آهي، آمريڪا ۽ يورپ سان لاڳاپا به فائديمند آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.