ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ڇڪن جو مينهن وسائي ڏنو، ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊبل سينچري

 

ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر راحڪيم ڪورنوال ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

راحڪيم ڪورنوال اربع ڏينهن آمريڪي ٽي ٽوئنٽي ليگ اٽلانٽا اوپن ۾ اٽلانٽا فائر جي نمائندگي ڪندي اسڪوائر ڊرائيو خلاف رڳو 77 بالن تي 205 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 22 ڇڪا ۽ 17 چوڪا شامل هئا.

ڪورنوال جي اهڙي اننگز جي مدد سان اٽلانٽا فائر مقرر اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 326 رنسون ٺاهيون.

ڀارتي ميڊيا موجب آمريڪي ٽي ٽوئنٽي ليگ اٽلانٽا اوپن آءِ سي سي مان منظور ٿيل ناهي، تنهن ڪري ڪورنوال جي اننگز کي ٽي ٽوئنٽي جي سڀ کان وڏي انفرادي اننگز ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.

واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڏي انفرادي اننگز جو رڪارڊ ويسٽ انڊيز جي ئي ڪرس گيل وٽ آهي، جنهن 2013 ۾ آءِ پي ايل ۾ رائل چئلينجرز بينگلور جي نمائندگي ڪندي پوني واريئرز خلاف 175 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.