سرڪاري آفيسرن لاءِ نيون آءِ فونز وٺڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ هائوس ۾ مقرر سرڪاري آفيسرن لاءِ نيون آئي فونز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعليٰهائوس ۾ مقرر آفيسرن لاءِ وڏي وزير جي ڊيجيٽل پروگرام تحت نيون آئي فونز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايپل ڪمپني جون آئي فونز وزيراعليٰ هائوس ۾ مقرر مخصوص ماڻهن کي ڏنيون وينديون.
ذريعن موجب سي ايم هائوس ۾ مقرر آفيسرن لاءِ موبائيل فون جديد ماڊل آءِ فون پرو ميڪس فورٽين يا وري آءِ فون ٿرٽين پرو ميڪس خريد ڪيا ويندا، آفيسرن لاءِ خريد ڪيل فون جي قيمت چئن لکن تائين مقرر ڪئي وئي آهي.
آءِ فون جي خريداري لاءِ 128 جي بي ميموري وارا سيٽ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ فونز جي خريداري لاءِ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ پي ٽي اي سان مشاورت ڪئي ويندي ۽ انهن جون تجويز ڪيل فونز ورتيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.